شيطان جو مريد

شيطان جو مريد (ڪتاب): قصن تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور ليکڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ايڪيهه باب آهن، جن ۾: جادوءَ جو قلعو، ڊورا، عجيب مسافر، مُئي جو جيئرو ٿيڻ، وير وٺڻ جو ارادو، ٻئي ڀيري جي ملاقات، سفيد ٻيٽ، بئينڪا لنڊنيءَ جي تاريخ، شادي، مارگريٽ جو قصو، شاديءَ جو ڳجهه، خوفناڪ ڊينورز، بادشاهه هندي، آرلائن جو احوال، شيطان ۽ ڊينورز، ڊينورز جو هٿرادو ڀائٽيو، لنڊنيءَ جي پڇاڙي، زاهد شخص، ڊولو روزا جو احوال، مريم ۽ ڊينورز جي پڇاڙي شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 124 صفحا شامل آهن. هن ڪتاب جو سر ورق نه آهي. هي ڪتاب سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو